راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر

راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر

راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر

راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر

راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر

راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر (ڪتاب): هي ڪتاب ديوان ڏيارام گدومل جي سوانح حيات تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سندس علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي خدمتن کي نمايان انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جو اتهاس، ڪجهه ماڳن، مڪانن ۽ شخصيتن جو احوال يادگار تصويرن سان گڏ پڻ ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو مصنف پروفيسر شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻي آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 1938ع ۾ دي پيپل اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان راءِ بهادر ديوان تاراچند شوقيرام ڇپائي پڌرو ڪيو هو. پڪي بائينڊنگ سان ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل 366 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو ڄاڻايل آهي.
هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، کاهوڙي پبليڪيشن، سنڌ گرئجوئيٽس ايسوسيئيشن (مرڪز) ڪراچيءَ پاران 2000ع ۾ ڇپايو ويو آهي. هي ڇاپو ڊيمي سائيز جي 280 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قيمت 150 روپيا آهي. هن ڪتاب جي ٽائيٽل تي راج رشي ڏيارام گدو مل جي تصوير ڏني وئي آهي، جيڪا نوجوان مصور منور ابڙي جي تيار ڪيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو